ايس ايم ڪاليج

ايس. ايم. ڪاليج (ڪراچي ):ايس. ايم. آرٽس، سائنس، ڪامرس ڪاليج، سنڌ مدرسي جي بورڊ 1943ع ۾ قائم ڪيو. هن ڪاليج کي اهو اعزاز حاصل آهي ته، ان جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح ڪيو هو. قيام پاڪستان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جو اهو واحد ڊگري ڪاليج هو. 1953ع ۾ ڪامرس جي شعبي ۽ 1957ع ۾ سائنس جي شعبي جو واڌارو ٿيو. ڪاليج سان گڏ هڪ هاسٽل به آهي. هن ڪاليج ۾ پاڪستان کان علاوه وچ اوڀر، اوڀر ايشيا، آفريڪا ۽ ٻين خطن جا شاگرد تعليم پرائيندا رهيا آهن. ڊاڪٽر امير حسن صديقي، پروفيسر اي. جي واسطي، پروفيسر اي. ايم مولوي، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پروفيسر اي. ايس ڪوهاٽيءَ جهڙا ممتاز تعليمي ماهر، هن ڪاليج جا پرنسپال ٿي رهيا آهن.


لفظ ايس ايم ڪاليجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو